ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ

ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ

عبدالوحيد انڍڙ ڊاڪٽر

عبدالوحيد انڍڙ، ڊاڪٽر: تعليمدان، محقق ۽ اديب، ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ، 1 مئي 1963ع تي هاليجي شريف تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي عربي؛ ايم.اي اسلامڪ ڪلچر (پهرين پوزيشن) فاضل عربي۽ فاضل اردو( پهرين پوزيشن) ايل. ايل. بي؛ ايم. ايڊ ۽ پي ايڇ. ڊي آهي. هن، علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگراني ۾ ”مظھر العلوم کڏي- ڪراچيءَ جون ديني ۽ سياسي خدمتون“ عنوان تي تحقيقي مقالو لکي 1998ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي سَنَدَ حاصل ڪئي. ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ پهريان پاڪستان آرميءَ ۾ ايجوڪيشن آفيسر طور 7 سال خدمتون انجام ڏنيون. 1993ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان کانپوءِ ليڪچرر، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ائسوسيئيٽ پروفيسر ٿي رهيو. ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، حيدرآباد جو ٻه سال ايڊيشنل ڊائريڪٽر به رهيو. گورنمينٽ ماڊل ديني مدرسه بوائز سکر جو 5 سال پرنسپال، ايليمينٽري ڪاليج ايڊيوڪيشن (مين) سکر جو 7 سال پرنسپال رهيو. هن ڊائريڪٽر پرائمري ۽ هاير سيڪنڊري اسڪولز (سکر ريجن) طور پڻ بهترين خدمتون انجام ڏنيون. پاڻ تاريخ ۽ تحقيق جي شعبن سان دلچسپي رکي ٿو، سکر هسٽاريڪل سوسائٽيءَ سان وابسته رهندي هن ڪافي تحقيقي مواد گڏ ڪيو. سندس ڇيپل ڪتابن ۾: ”سکر ڏسڻي“، ”سکر- تاريخ و تمدن“ (اردو)، ”ملفوظات مالڪان المعروف گنجينئه عرفان“ (فارسي مان سنڌي ۽ اردو ترجمو)، ”گهوٽڪي تاريخ، ثقافت“، ”ديوان منھاج الحقيقت“ (فارسي مان سنڌي ترجمو)، ”انڍڙ قبليه: تاريخي تناظر ۾“ (اردو)، ”خطبات جتوئي“، ”ارشاد الحق“ (اردو) ”حيات حضرت هاليجوي“ ايم.اي اسلامي ڪلچر لاءِ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب، ”ڊگري ڪلاسن لاءِ اسلاميات“ (لازمي: انگريزي- اردو- سنڌي). ان کانسواءِ تدريسي شعبن ۾ بي. اي ۽ ايم. اي (پريويس، فائنل) اسلاميات جا درسي ڪتاب پڻ تيار ڪيا اٿس. سندس ٻيا تحقيقي مضمون جھڙوڪ: حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سيرت طيبه، سنڌ جي اسلامي عظمت، رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم ڪي سيرت ڪي چند پھلو، اسلام ڪا اخلاقي نظام، مدرسه مظھر العلوم ڪراچي جي ديني ۽ سياسي خدمتن جو جائزو، بيدل جي شاعريءَ ۾ قرآني آيات، قرآن مجيد اور سائنس سميت ٻيا به سوين تحقيقي مضمون مختلف مخزنن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس رهنمائيءَ ۾ 35 کان مٿي شاگردن ايم. فِل ۽ پي ايڇ. ڊي جي سَنَد حاصل ڪئي آهي. کيس، تعليمي ميدان ۾ نمايان خدمتن عيوض مختلف ادارن پاران اوارڊ، شيلڊون، سرٽيفڪيٽ ۽ گولڊ ميڊل مليا آهن. هن وقت وفاقي محتسب حيدرآباد ريجن ۾ ايسوسيئيٽ ايڊوائزر گريڊ 20 طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.05.01  عيسوي

استاد، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ، 1 مئي 1963ع تي هاليجيءَ ڀرسان ڳوٺ ميل انڍڙ، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صادق ميمڻ
ڄام جوڻو
چوڌري فضل الاهي
دادا روچيرام ٿانواڻي
زاهد علي مگسي
رمضان ساريو
زورآور سنگهه
جابر بن حيان
ڪرهيو ڀانڊاري شيخ
صلاح الدين ايوبي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون